اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ??اصباڻي فوجي قبضي جي ??لاف ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪا??و ڏينهن ملهايو ويندو. ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن کي لتاڙيندي طاقت جي ??ور تي ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هو والاريل علائقي ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي. ڪا??ي ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ??ياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسواءِ ريڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ خصوصي پروگرامز نشر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسواءِ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري اڳواڻ، ناليوارين شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي نمائندن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج پاران ڪشميري عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪا??يون پٽيون ٻڌي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪا??ي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ والاريل ڪشمير جي ??وام تي ڪيل ظلمن جي ??ڪاس تصويرن تي ٻڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪا??ي ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليوارين شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي ??صوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي قابض ڀارتي فوج ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ۽ ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ جي لاءِ سمورن قانونن ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي ??ودمختياري جي ??ق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي والاريل ڪشمير جي ??ڪراري علائقي جي ??يثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني قدم واپس وٺي.