اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي لا??ِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اک??ن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زير عمر ايوب خان، توانائي واري وفاقي ??زير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي ??زير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي ??زير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي لا??ِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اک??ن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.