اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي ??مل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قا??م ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سا??ي لاءِ قا??م ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي ??مل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي ??ور ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.