اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان خط موڪليو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي قومي اس??مبلي جي ت??ليل جي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو اي ۽ آرٽيڪل 224 (2) تحت صدر عام چونڊون ڪرائڻ جي ت??ريخ مقرر ڪندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اس??مبلي جي چونڊن لاءِ اس??مبلي جي ت??ليل جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن، عام چونڊن جي ت??ريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ضروري آهي.