اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻ??ن اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف ??هي?? ان جي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو ??هي?? پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو آهي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي ??هي?? اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو ويندو آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو ويندو ??هي?? هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ايندي ئي ايڪشن کنيو ??هي?? اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو ??هي?? پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ٻ??ن ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو ??هي?? نور عالم خان جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻ??ن اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ??نگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ??نگ پيڪا کي ڊيل ڪندو ??هي?? اطلاعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي ??هي?? پيمرا پهرين وارننگ ڏي??دي آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندو آهي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي جلد ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.