اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي ه??ءِ ڪم??شن جي اهتمام هيٺ 5 ??گسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش م??عقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني ه??ءِ ڪم??شن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ??يو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪم??ونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪم??شن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ??يندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.