ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽ??ن ٻوڏ مت??ث??ين کي محفوظ انخلا سميت کادي پ??تي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ مت??ثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو آهي.