اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪ فضائيه طرفان سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو، رليف ۽ ب??ال?? جون ڪارروايو?? جاري آهن، فضائيه اهلڪار ٻوڏ متاثرن جي ڀلائي، خوراڪ، رهائش، پيئڻ جي صاف پاڻي، طبي امداد ۽ بنيادي ضرورتن جي وقت سر فراهمي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن. ترجمان موجب پ??ڪ فضائيه جي ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس فوري طور تي ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي شناخت ڪري رهيو آهن جنهن کانپوءِ کين مفتي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پ??ڪ فضائيه 18458 تيار کاڌي کا پيڪيٽ، 1512 پاڻي جون بوتلون ۽ 2070 راشن پيڪٽس ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا، وڌيڪ مفت خوراڪ، رهائش جي فراهمي کانسواءِ فيلڊ اسپتالن ۾ مقرر پ??ڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون 1699 مريضن جو مفت علاج به ڪيو، پ??ڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون اڻٿڪ محنت سان ٻوڏ متاثر علائقن سميت راجن پور، مٽياري، مچي، بولاني، لاشاري، ناروا، گهارو، جاتي، ڪوڊاريو، حاجي پور، چوهڙ جمالي، ميرپورخاص، سنداد، بلو، جهل مگسي، بستي ش??ر محمد، لاکڙا، سعيد آباد، شهدادڪوٽ، صحب پور، بستي جاگير گبول، فاضل پور ۽ الله ورايو جمالي، نصير آباد، جهل مگسي، جيڪب آباد، سنڌڙي، سانگهڙ، ڳوٺ اسماعيل، ڪنڀار، سرگل، ڦلواري، دادو، شاهراه – ميان پوٽا، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، ٿل، سيوهڻ، نوابشاهه، سڪرنڊ، سکر، پير پٿورو، اٺال، حيدرآباد، ميرپورخاص، تلهار، نواڪلي، گلستان ڪلي صالح ۽ ڪلي حبيب زئي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن.