نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي ح??ن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ انهن جي ح??ن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انساني ح??ن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طو?? تي ٺوس بڻائڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طو?? تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.