اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ پروقار رويئي سان هراسان ڪندڙ پي ٽي آءِ جي حامين ۽ انهن جي سرپرستن جي مڪروهه چهري کي بي نقا?? ڪي?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حامين پ??ران هراسان ڪرڻ تي مريم اورنگزيب جهڙي طرح تحمل جو مظاهرو ڪي?? آهي، اهو سندس باوقار شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ باوقار رويئي سان هراسان ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن جي بدنام چهري کي بي نقا?? ڪي?? آهي، اسان کي ان تي فخر آهي.