آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي س??ن ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آ??ي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيجان جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ان جي اڻٿڪ ڪردار کي س??راهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر الهام عليوف جي ڪوششن کي س??راهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ان جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو آ??ي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آ??ي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي س??ح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ه?? آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.