ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آر??ي اسٽاف (سي او اي ايس) جنرل قمر جاويد باجوه س??ڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دؤرو ڪيو. جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته س?? او اي ايس ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي، جيڪي نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ طبي ۽ انتظامي سارسنڀال ۾ مصروف آهن. سي او اي ايس مقامي ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين خاطري ڪرائي ته پاڪستاني آر??ي سندن مڪمل بحالي تائين پنهنجون امدادي سرگرميون جاري رکندي. بعد ۾ سي او اي ايس سنڌ جي ٻوڏ ??ان متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو.ان ??ان اڳ ،سي او اي ايس جڏهن ڪراچي پهتو ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد سندس آڌرڀاءُ ڪيو.