ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ هر سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زو?? ڏنو. هو هڪ مقامي اسڪول ۾ انسٽيٽيوٽ آف هولسٽڪ ري هيبي لي ٽيشن اينڊ انڪلوزن (آءِ ايڇ آر آئي) جي اهتمام هيٺ ورلڊ ميمڻ آرگنائيزيشن جي تعاون خان خصوصي چلڊرن اسپورٽس گالا ۽ اسڪائوٽنگ ايونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪريرهي هئي. ثمينه عارف علوي چيو ت?? ملڪ جي ??ائيدار ترقي جي ??اءِ اهو ضروري آهي ته سماجي، معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ڇو ت?? پاڪستان جي 10 سيڪڙو کان و??يڪ آبادي کي مختلف شڪلين ۾ معذوري درپيش آهي. معذوري جي شڪار ماڻهن سان معاشري جو عمومي رويو سڀ کان و??و چئلينج آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن جي ??عاشري ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي بي عزتي يا توهين نه ڪريو پر تعليمي، سماجي ۽ معاشي سرگرمين ۾ انهن جي شرڪت جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪريو. هن چيو ت?? پاڪستان اڳ ۾ ئي معذور ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون لاڳو آهن ۽ سرڪاري شعبي ۾ نوڪرين جي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا انهن جي سهولت ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ ڪم ڪري رهيا اهن، جڏهن ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي ڻڻ جي ??اءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? اسان کي خصوصي ٻارن کي فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي روزي ڪمائڻ جي ??ابل ٿي سگهن ۽ معاشري جو هڪ ڪارائتو حصو بڻجي ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن والدين ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي و?? ڏنو ت?? اهي نئين ڄاول ٻارن جو مناسب چيڪ اپ يقيني بڻائين ته جيئن معذوري جي ڪنهن به ممڪن علامتن جي تشخيص ٿي سگهي ڇو ت?? وقت سر علاج ٻار کي سڄي عمر جي ??عذوري کان بچائي سگهي ٿو. خاتون اول اهڙي ٺوس تعليمي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي پڻ زو?? ڏنو جيڪو عام اسڪولن ۾ ٻين ٻارن سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن جي تدريس ۽ تربيت جي صلاحيت رکندو هجي ته جيئن اهي زندگي جي ??شڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ سکي سگهن. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن تي زو?? ڏنو ت?? اهي ايڇ اي سي جي ??اليس?? موجب رعايتي فيسن تي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ باقاعده ڪورسز ۾ داخلا جي سهولت فراهم ڪن. ثمينه عارف علوي معذوري جي شڪار ماڻهن جي اچ وڃ ۾ آساني پيد ڪرڻ جي ??اءِ عمارتن، عوامي جاين ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ ريمپ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن و??يڪ چيو ت?? اکين کان محروم ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي سفيد ڇڙي جو استعمال سيکاريو وڃي. هن خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ تي آئي ايڇ آر آئي ۽ ڊبليو ايم او کي ساراهيو ۽ انهن جي ??ستقبل جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. خاتون اول آگاهي ڦهلائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي شموليت جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ت?? ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت مهم ۾ بيداري شعور جي ڪوششن اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڊبليو او جي ريجنل صدر ايڇ ايم شهزاد، نيورولوجسٽ رمل ڪمار، عبدالرزق پرديسي ۽ رحيم جانو پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ت?? خصوصي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن جي تنظيم انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ??اءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهن. هن چيو ت?? انهن جي تنظيم خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروباري ۽ صنعتي ادارن ۾ نوڪريون فراهم ڪندي جڏهن ته خصوصي ٻارن کي هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اسڪول جي ??ختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ خصوصي ٻارن جي راندين جي گالا ۽ اسڪائونٽنگ ايونٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي منتظمين ثمينه عارف علوي کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.