اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. ??زي??اعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي ??زي??اعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو و??و. ملاقات ۾ ناڻي وارو ??زي?? محمد اسحاق ڊار، قا??ون وارو ??زي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ??زي??اعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.