اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجز جي ڏس ۾ اسلامي قدرن ۽ خوبين سان قوت حاصل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اقتص??دي استحڪام ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي ??هتمام هيٺ پنجين عالمي سالياني پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر محمود اشر??ي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مختلف مڪتبه فڪر جي ??الم سڳورن، سفارتڪارن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي عالمي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي نسل ڪشيءَ جو خطرو ڦيرا ڏئي رهيو آهي ڇو ته ان جي مذهبي سڃاڻپ ۽ آز??دي سان گڏوگڏ مسجدن کي مسمار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته يقينن هي مسلمان امت جي لاءِ مشڪل وقت آهي پر هو پراميد آهي ته گڏيل ڪوششن، تعاون ۽ اتحاد ذريعي انهن سمورن چئلينجز تي ضابطو آڻي وٺنداسين. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انساني تاريخ مان اها ڳالهه واضح آهي ته نسل انساني وڏي پئماني تي قتلام جو مشاهدو ڪيو ۽ بني نوعه انسان پنهنجي ??هڳڙن جي ??لخ تجربن مان سبق ناهي سکيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن پاڪ جي ??عليم فطرت جي لحاظ کان ابدي آهي جيڪا ا??سان کي رهنمائي فراهم ڪري ٿي، هن ايندڙ نسلن کي اسلامي قدرن جي ??عليم ڏيڻ تي زور ڏنو جنهن ۾ معافي جو اعليٰ معيار به شامل آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ ان خوبي جو مجسم نمونو هو جنهن پنهنجي ??مورن اذيت ڏيندڙن کي معاف ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي ??عليم تي عمل پيرا ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي ??موري سياسي قيادت پنهنجي ??لخين کي پاسي تي رکندي جرئتمندي جو مظاهرو ڪري ۽ ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر هاڻي ٻيا ملڪ ان راهه تي گامزن آهن، اسان کي سنجيدگي سان ماضي تي نظر وجهڻ جي ??رورت آهي. صدر ايران سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ان کان اڳ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيدالمالڪي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن، تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن جي ??هميت جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جون پاڙون گهري ۽ گڏيل مفادن ۾ ٻڌل آهن. سعودي سفير چيو ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سعودي عرب مختلف ترقياتي قدمن جي ??ريعي پاڪستاني عوام جي ??مايت جاري رکندو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي ??وام پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ڏي ٿي. پاڪستان ۾ فلسطين جي ??فير احمد ربيع پاڪستاني عوام، حڪومت ۽ سياسي قيادت پاران فلسطيني ڪاز سان يڪجهتي جي ??ظهار ۽ حمايت تي فلسطيني عوام پاران ٿورا مڃيا. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ قابض اسرائيلي فوج پاران فلسطينين تي ظلمن ۾ اضافي جو پڻ ذڪر ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر مشاهد حسين سيد، حافظ طاهر محمود اشرفي ۽ ٻين مقررين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته اسلام ۾ فرقيواريت، دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي ڪا گنجائش نه آهي، عالم سڳورن کي عوام ۾ شعور ۽ آگاهي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي ??ئين سمورين اقليتن کي برابر جو حق ڏنو آهي جڏهن ته حڪومتي قدمن ۽ ڪوششن سان بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ حاصل ٿيو آهي. هن چيو ته پيغام اسلام ڪانفرنس سان پاڪستان جي ڀائر اسلامي ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري ۽ استحڪام جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواراڻي تشدد جي ??اتمي کانسواءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بين المذاهب رواداري سان گڏوگڏ عالم اسلام جي مظلوم مسلمانن جي ??ائيد ۽ حمايت ۽ موجوده دور جي مسئلن جي ??ل تي غور ڪرڻ هو.