اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراع??م سان گڏ آهن. آذربائيجان ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي ش??بي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراع??م سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.