اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل منظرنامي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گهڻ رخي هجڻ گهرجي، پاڪستان سدائين بلاڪس جي سياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي محرڪ طور تعاون جي حمايت ڪئ?? آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آئي ايس ايس آئي) جي 50 هين ??وم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري ره?? آهي جنهن جو مقصد قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، شين ۽ خدمتن تائين ??هچ کي بهتر بڻائڻ، خودمختيار فيصلاسازي جو تحفظ ۽ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ملڪ جي مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپن جي جلد نئين سر جوڙجڪ، اهم گادي وارن شهرن سان اعتماد جي ب??الي ۽ روايتي حصيدارن سان وسيع تر مصروفيتن کي ب??ال ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين کانسواءِ يورپ، روس، جاپان ۽ آسيان سميت سمورين ??ڏين طاقتن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيءَ، ايران ۽ قطر سان حصيداري کي مضبوط ۽ گهرو ڪيو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان جي آفريقا سان رابطن ۾ پڻ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين بلاڪس جي سياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي محرڪ طور تعاون جي وڪالت ڪئ?? آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پائيدار ۽ فائديمند ره?? آهي، پاڪستان، چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. سي پيڪ جي افغانستان ۽ اولهه تائين توسيع ڪنيڪٽيوٽي ۽ اقتصادي انضمام جي ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي پرڏيهي وزير چيو ته پرو ايڪٽو آئوٽ ريچ جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطح جا دورا ٿيا آهن ۽ اميد آهي ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته روس سان پاڪستان اعتماد جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ڇو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ ان جو ادراڪ ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي دوست جي حيثيت سان پاڪستان جاري ب??ران جو پرامن خاتمو چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت سان لاڳاپا بنيادي طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدم جي ڪري عدم اعتماد جي علامت آهن جيڪي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان گڏيل احترام، خودمختياري ۽ برابري جي بنياد تي سٺن پاڙيسري لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڀارت کي امن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم کي واپس وٺڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سرگرم رهيو آهي ۽ ٻطرفن مسئلن جي ب??وجود شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شرڪت پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم سان وابستگي جو اشارو آهي. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير عالمي ب??ادري تي زور ڏنو ته اها ان حوالي سان عملي موقف اختيار ڪري ۽ ڪنهن به انساني آفت کي روڪڻ ۽ ان جي معيشت جي نئين سر تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مدد جاري رکي. اهڙي طرح هن طالبان عملدارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي عالمي ب??ادري جي اميدن تي پورو لهن ۽ انساني حقن جو احترام ڪن. پرڏيهي وزير 50 هين ??وم تاسيس جي موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ آئي ايس ايس آئي جي ڪردار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو رهندو. ان کان اڳ آئي ايس ايس آئي جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود 1973ع ۾ آئي ايس ايس آئي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين جو تاريخي جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته هڪ اهم رياست هجڻ جي ناطي پاڪستان جو خطي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي.