اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا قومي اسيمبلي??َ جي اجلاس ۾ دير سان اچڻ تي ميمبرن کان معافي گُهري ورتي ۽ ٻُڌايو ته بجيٽ تي بحث تي ميمبرن جون تجويزون نوٽ ??يو?? ويون آهن، ان کي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين. قومي اسيمبلي??َ جي اجلاس ۾ هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هئڻ سبب دير سان پهتي آ??يان پر کاتي بابت لاڳاپيل عملدار ان جي بحث جي اهم نڪتن جو نوٽيس وٺي رهيا آهن، انهن تجويزن مان قابل عمل تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.