مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي ??اري وفاقي وزير ۽ خادم الحرمين الشريفين جي حج مهمانن جي پروگرام جي جنرل سپروائيزر شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ چيو آهي ته سعودي حڪومت حاجين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آهن. ڪورونا وبا بعد هلندڙ سال حج جو وڏو اجتماع هوندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت جو ڪم 3 اهم معاملن ۾ ٿيندو آهي، پهرين حصي ۾ ميقات ۽ مقدس هنڌن جي اردگرد ع??ائ??ن سميت هڪ هزار کان وڌ??ڪ مسجدن جي تعمير ۽ انهن جي مرمت شامل آهي. ٻئي ??عاملي ۾ حج ۾ اسلامي جاڳرتا لاءِ جنرل سيڪريٽريٽ جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ هوندو آهي، جنهن جو مقصد 40 کان وڌ??ڪ عالمي ٻولين ۾ 32 ملين تعليمي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. هن ٽئين اهم پروگرام جو اعلان ڪيو جيڪو حج ۽ عمري وغيره لاءِ خادم الحرمين الشريفين جي پروگرام بابت آهي. هن سال ان پروگرام تحت سڄي دنيا جي 90 کان وڌ??ڪ ملڪن مان حاجين جي ميزباني ڪئي ??يندي، ان کان علاوه فلسطين رياست جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن جا هڪ هزار حاجي به شرڪت ڪندا. هن چيو ته 7200 کان وڌ??ڪ سعودي اهلڪار حاجين جي خدمت لاءِ مقرر آهن. وزارت مڪي پاڪ جي ترقي لاءِ رائل ڪميشن جي سهڪار سان مقدس هنڌن جي سمورن مسجدن جي بهتري، سار سنڀال ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. اهم ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته مڪي پاڪ ۾ 250 ملين ريالن جي لاڳت سان 75 نيون مسجدون تعمير ڪيون ويون ۽ مڪي پاڪ جي سمورين مسجدن جي سار سنڀال تي 300 ملين ريالن کان وڌ??ڪ لاڳت آئي آهي. حج جي موسم لاءِ هڪ هزار 300 مبلغن کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. مقدس هنڌن تي آءِ پيڊ ذريعي ويڊيو ڪالنگ سروس شروع ڪئي ??ئي آهي ۽ 200 ??ائ??نن ذريعي حاجين جي ڪال وصول ڪرڻ لاءِ هڪ مفت فون سروس پڻ قائم ڪئي ??ئي آهي. ان کان علاوه وزارت قرآني آيتن جو 76 کان وڌ??ڪ عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي. هڪ اليڪٽرانڪ ??ائ??بريري سروس متعارف ڪرائي ??ئي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين 1417ع ۾ شروع ٿيڻ بعد سڄي دنيا جي 140 ملڪن مان وڏي انگ ۾ حاجين جي ميزباني ڪئي آهي.