ٺ??و-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي م??د سان خطري واري علائقي م??ن ماڻهن کي م??فوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي م??د سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي علائقن ما?? اٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري م??تلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي م??ززين ذريعي م??ڻهن کي ساحلي علائقن ما?? نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي م??ڻهو خطري واري هنڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.