اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي مجروح ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينديون، عمران خان جون ڌم??يون، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان آ??مي چيف جنرل عاصم منير خلاف مسلسل گندي، نفرت انگيز ۽ بدنيتي تي ٻڌل مهم ۾ مصروف آهي، مختلف پراڪسين جو استعمال ڪري آ??مي چيف تي قاتلاڻي حملي جي ڌم??ي ڏي?? جي سندس چال بري طرح بي نقاب ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته رياستي علامتن تي منظم طريقيڪار سا?? منصوبه بندي سا?? ڪيل حملي جي ناڪامي کان پوءِ واضح ٿي چڪو آهي ته هو اقتدار ۾ واپ?? اچڻ لاءِ بي چين آهي، کيس خبر ناهي ته ڌم??ين، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي گندين حرڪتن ذريعي هو صرف پنهنجو پاڻ کي بي نقاب ڪري رهيو آهي ۽ سندس بنيادي مقصد ذاتي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي اقتدار تي قبضو ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون آ??مي چيف ۽ هٿياربند فوج سا?? جبل وانگر گڏ بيٺل آهن، پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي مجروح ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا.