ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني وا??ار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقامي مصنوعات ??ي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان پاڪستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پاڪستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته ??سا?? مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، وا??اري برادري برانڊ پاڪستان لاءِ سخت محنت ڪري، هن پاڪستاني مصنوعات ??ي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني مصنوعات ??المي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان پاڪستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضر??رت آهي، هن وا??اري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نوجوانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پاڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.