گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي اها ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل س??ور?? واعدن تي ??مل??رآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ س??حي مڪالمي دوران نگران ??زي??اعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي انهن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران ??زي??اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي ??مل??رآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي س??ور??ن آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران ??زي??اعظم س??ور??ن ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي زور ڏنو.