اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ شهرين جي خلاف وڌندڙ اسرائيلي ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ا??ڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏه?? به معاف يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جباليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اسرائيلي ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي ع??رت?? ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته ا??ڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏه?? به معاف يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.