گڏيل قومون-01 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ا??سا??ي حقن واري ڪائونسل کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوجن طرفان ا??سا??ي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو مطالبوڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي 47 رڪني ا??سا??ي حقن واري ڪائونسل جي طريقيڪار ۾ امتيازي سلوڪ ۽ ٻٽ?? معيار کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ا??سا??ي حقن کي جامع ۽ متوازن انداز ۾ هٿي ڏيڻ گهرجي. جنيوا ۾ ا??سا??ي حقن واري ڪائونسل جي صدر جي سالياني رپورٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستاني سفير چيو ته ڪائونسل کي ا??سا??ي حقن جي وڏي پئماني تي ٿيل ڀڃڪڙين کي روڪڻ گهرجي جيڪي پرڏيهي قبضي ۽ مداخلت جي حالتن ۾ ٿينديون آهن. هن چيو ته غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ قتل عام ٿي ??هي?? آهي اهو اسان جي ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچي ??هي?? آهي، هن چيو ته قابض طاقت اسرائيل کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انهن خلاف ورزين جي جوابدهي کان ڇوٽ حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي ٿيل ا??سا??ي حقن جون ڀڃڪڙيون به واضح آهن. هن چيو ته ٻنهي صورت ۾ قابض طاقتن اسرائيل ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ آزادي جي جائز جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اسرائيل فلسطين تڪرار جو حوالو ڏيندي چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ پرڏيهي قبضي کي برقرار رکڻ خاطر اجاگر ڪري ٿي، هن دنيا جي ڪجهه حصن ۾ نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ انتهائي ۽ پرتشدد قوم پرستي ۽ فاشزم جي عروج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته اسلامو فوبيا مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ حملا، حجاب تي پابندي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي، گستاخي واري خاڪن ۽ اسلامي نشانين ۽ مقدس ماڳن جي ٽوڙ ڦوڙ نئين مظاهر جو هڪ وڏو عنصر آهي. اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا وبا وانگر پکڙجي ??هي?? آهي جنهن سان مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن چيو ته ڪائونسل کي ان نسل ڪشي جي خطري کي سڌو سنئون منهن ڏيڻ گهرجي.