رياض_10 جنوري(اي پي پي)پرڏيهي لاڳاپن ۽ سلامتي پاليسي بابت يورپي يونين جي هاءِ ڪ??شنر جوزف بوريل چيو آهي ته غزه ۾ جاني نقصان جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي،ميڊيا رپورٽن موجب لبنان ۽ سعودي عرب ۾ ملاقاتن ۽ ڳالهين کان پوءِ جاري بيان ۾ هن چيو ته دوري دوران غزه ۾ انساني صورتحال ۽ علائقائي ج??گ ۾ تبديلي تي ڌيان ڏنو ويو، هن چيو ته گڏيل قومن جي فلسطيني ??نه??گيرن لاءِ امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي ج?? ڪمشنر فلپ لازاريني سان ملاقات دوران اسان غزه جي حالتن بابت معلومات حاصل ڪئي، علائقي ۾ لکين انسان بي گهر آهن، کائڻ پيئڻ لاء?? ڪجهه به آهي ۽ حالتون انتهائي خوفناڪ آهن. بوريل لبنان اسرائيل سرحد تي ڇڪتاڻ ۽ احمر سمنڊ ۾ وڌنڌڙ علائقائي چڪرين ۾ تبديلي ج?? ذڪر ڪندي هن چيو ته جنگ کي ڦهلائڻ نه پر ان جي خاتمي ج?? ضرورت آهي،ان جو واحد طريقو اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ چڪرين جو سياسي حل آهي، هن چيو ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ڳالهين ۾ اسان وچ اوڀر ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو ان مسئلي ج?? فوجي نه پر سياسي حل ٿيڻ گهرجي.واضع رهي ته جوزف بورين رياض ۾ نار سهڪار ڪونسل جي سيڪريٽري ج??رل جاسم محمد البدوي سان ملاقات ڪئي هئي.