عمان – 08 مارچ (اي پي پي) رائل اردني فضائيه جي جهازن ا??ر غزه جي پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي انساني امداد جا 9 نوان ايئي ڊراپ ڪيا آهن. جن ۾ آ??ري??ا، فرانس، بيلجيئم، ڊنمارڪ ۽ مصري جهازن شرڪت ڪئي. العربيا اردو مطابق اردن جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم اردن جي جاري ڪوششن ۽ غزه جي پٽي ۾ ماڻهن لاءِ طبي، امدادي ۽ خوراڪ موڪلڻ جي ڪوششن تحت کنيو ويو آهي، جنهن جو مقصد جنگ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته غزه جنگ جي شروعات کانپوءِ اردني فوج ڀائر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان (اردن) جي هٿياربندن فوج طرفان ڪيل 23 ايئر ڊراپس کان علاوه 29 اردني ايئر ڊراپس پڻ انجام ڏنا آهن. جن ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا حصو ورتو. آ??ري??ي فوج چيو آهي ته سي-130 ڪارگو جهازن گذريل ڏينهن غزه جي پٽي ۾ فضا مان امداد ڪيرائي. اها اردن سان آ??ري??ي فوج جو ٽيون ايئرڊراپ آپريشن آهي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته آ??ري??ي سي-130 جهاز ا??ر غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪندڙ 38 هزار کان وڌيڪ خوراڪ جا پيڪيٽ ڪيرايا ته جيئن جنگ سبب متاثر شهرين کي ضروري امداد تائين پهچ حا??ل ٿي سگهي.