اسلام آباد – 08 جون (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غلط مع??ومات جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا مع??ومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي مع??ومات، تعليم ۽ تفريح جي مع??ار کي بهتر ??ڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پا??ستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح مع??ومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.