ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ??هي ته بلوچستان ۾ حڪومت پاران ضرورت جي شين جي رعايتي اگهن تي فراهمي رمضان کانپوءِ به جاري رکي وڃي. اها هدايت هن ضرورت جي شين جي قيمتن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، مخدوم مرتضيٰ محمود، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، چيف سيڪريٽري بلوچستان، وفاقي ۽ صوبائي ??عليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت ۾ وڪرو ۽ فراهمي ۾ تعطل جي شڪايت تي وزيراعظم جي نوٽيس کانپوءِ هنگامي بنيادن تي غذائي ??حفظ واري وفاقي وزير ۽ صنعت واري وفاقي وزير کي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو ت?? جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني پريشان ڪندڙ صورتحال کان وقت سر بچي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو ت?? گذريل رات جي قدمن کانپوءِ مسئلن کي حل ڪيو ويو آهي، نه رڳو اڄ کان اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وئي ??هي پر اهو يقيني بڻايو ويو آهي ته پوري بلوچستان ۾ اها فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ت?? گذريل رات صنعت واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي دو??ي دو??ان يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ ۽ گيهه جو اسٽاڪ طلب جي لحاظ کان وڌيڪ ڏٺو ويو جڏهن ته اٽي جو مسئلو هل ٿيڻ کانپوءِ سموريون ??رورت جون ??يون وزيراعظم جي اعلان ڪيل اگهن تي دستياب آهن. وزيراعظم انهن قدمن کي ساراهيندي هدايت ڪئي ??ه اهو يقيني بڻايو وڃي ته اها ابسڊي بنا رڪاوٽ ماڻهن تائين پهچندي رهي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ان پئڪيج جي ضرورت کي محسوس ڪندي هدايت ڪئي ??ه پئڪيج کي رمضان تائين محدود رکڻ بدران ان کي صوبي ۾ بعد ۾ جاري رکيو وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ??ه ان تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي.