اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي ??سٽورز ذريعي شين جي سستي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اق??صادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبقن کي مهانگائي مان ڇ??ٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي ??سٽورز جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.