اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ ??ون??يل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائي?? پنهنجي واري جو انتظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين ??ون??يل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.