اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آ??ادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪ??و جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ج??ن سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پ??را?? ڀارتي آ??ين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آ??ادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايج??ڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.