اسلام آب??د ?? 15 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي فنڪارن جي فن جي واپاري سطح پذيرائي ضروري آهي ڇو ته لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي دستڪارن اسان جي ثقافت کي زندهه رکيو آهي. صدر اها ڳالهه لوڪ ورثه ۾ 10 ڏينهن وا??ي لوڪ ميلي جي پڄاڻي تي لوڪ گلوڪارن، دستڪارن ۽ هنرمندن ۾ انعام ورهائڻ وا??ي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستا?? ثقافتي ورثي خاص طور تي ٻڌمت ج?? نوادرات ۽ آثار جي حوالي سان متنوع حيثيت رکندڙ ملڪ آهي.