دوشنبي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي و??ير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذريل ڏينهن دوشنبي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا ??ستنبول پراسس اجلا س جي حوالي سان ميڊيا ??ان ڳالهائيندي چيو ته امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دن??ا آگاه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا ??هيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کان اهو چوندو رهيو آهي ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل نه آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن نشين ٿي چڪي آهي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏيهي و??ير چيو ته مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ترڪ پرڏيهي و??ير سان ملاقات سٺي رهي. استنبول ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏيهي و??ير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50