اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پن??نج?? عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خاص طور تي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصي??ار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائي??ار ترقي جي لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.