اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست قا??ون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن ملڪن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قا??ون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آهن، اميد آهي ته مسلمان ملڪ مديني جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي ??وض??ع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ربا?? اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قا??ون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قا??ون ٺاهي رکيا هئا، وزيراعظم چيو ته جن قومن ۾ قا??ون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قا??ون هوندو آهي ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست بزرگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.