اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ??احول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ??دا??ن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ??وٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ??ارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.