اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي ج?? سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپل??پا??ٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پئسو ٺاهي وينداسين، پيپل??پا??ٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ڪشمير ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي ا??پيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پيپل??پا??ٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.