اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ اڄ بيانيي جي جنگ وڙهي پئي وڃي، بيانيو مضبوط هوندو ته اسان جي اهميت هوندي، وزيراعظم عمران خان سدائين ميڊيا تي ڌيان ڏيڻ ۽ بيانيي کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي، ماضي ۾ اطلاعات واري وزارت رياست جي بيانيي بدران حڪ??ران پارٽي جي ترجمان هئي، اسان ان ڪلچر کي تبديل ڪيو، اڄ اطلاعات واري وزارت رياست جي ترجمان آهي، اسان ان جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي، اڄ پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي ڊيجيٽل ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ اسان پنهنجو موقف دنيا آڏو پيش نه ڪري سگهياسين، ماضي ۾ ميڊيا جي ادارن جي ترقي جي لاءِ جيڪا سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ها اها نه ڪئي وئي، افغان جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جي قرباني ڏني پر اسان دنيا کي ٻڌائي نه سگهياسين ته اها جنگ ڇو ٿي ۽ اسان ڪهڙيون قربانيون ڏنيون، پاڪستان ۾ ميڊيا ڊيجيٽلائيزيشن نه هئي، سوشل ميڊيا وڌيڪ متحرڪ نه هئي، 1964ع کانپوءِ اڄ 2021ع ۾ پاڪستان جي ميڊيا ۾ سڀ کان وڏي ٽرانسفارميشن ٿي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو. صدر نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد، وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ هلال احمر جي چيئرمين ابرارالحق سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي حڪ??متون آيون پر بدقسمتي سان اسان پنهنجي ميڊيا جي ادارن کي ڊيجيٽل نه ڪري سگهياسين، ان جي ابتڙ اسان جا ڀرپاسي جا ملڪ پنهنجي ٽرانسميشن ايڇ ڊي تي منتقل ڪري چڪا آهن. هن چ??و ته اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ادارن ۾ ڊيجيٽلائيزيشن جي ان عمل سان پاڪستان جي بيانيي کي سگهه ملندي ۽ رياست جو بيانيو مضبوط ٿيندو. هن چ??و ته اڄ پي ٽي وي ايڇ ڊي ٿيڻ وڃي رهي آهي، ريڊيو جي نشريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ۾ پوڊ ڪاسٽ آندو آهي، قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو وجود 1902ع کان قائم آهي، اي پي پي کي اڄ ڊيجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو ويو آهي، رائٽرز، اي ايف پي ۽ دنيا جي ٻين وڏين ايجنسين وانگر اي پي پي ڊيجيٽل نيوز ايجنسي طور آڊيو، وڊيو، پريس ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ ايڊورٽائيزمينٽ جي سڀ کان وڏي ڪلائنٽ پاڪستان حڪ??مت آهي، اسان پي آئي ڊي کي پيپرليس ڪري ڇڏيو آهي، اشتهارن جو پورو عمل سئو سيڪڙو ڪمپيوٽرائيزڊ ۽ پيپر ليس آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان اشتهارن جي ڏس ۾ سموريون ادائيگيون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن، اڄ هڪ رپيو به واجب الادا نه آهي. هن چ??و ته گذريل ٽن مهينن دوران اسان 67 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون، ان ادائيگي سان اخبارن ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن کي سهولت ملي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته حڪ??مت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ ڊيجيٽل پاليسي منظور ڪئي آهي، اهڙا ڪيبل آپريٽرز جيڪي ڊيجيٽل ڪيبل سروس نه ٿا ڏئي سگهن، انهن کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا وڃن ته جيئن اهي ڪيبل ڊيجيٽلائيز ڪري سگهن. چوڌري فواد حسين ٻڌا??و ته اطلاعات واري وزارت ۾ انفارميشن کانسواءِ ٽيڪنالاجي جو پڻ وڏو اهم حصو آهي، اسان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو نالو تبديل ڪري ميڊيا منسٽري رکڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته 2018ع ۾ جڏهن اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀال??و ته حيرت ٿي ته بحيثيت هڪ سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ڊيجيٽل ميڊيا ۾ حڪ??مت کان تمام اڳتي هئي، سياسي حڪ??مت جو فرض آهي ته اها ماڻهن آڏو جوابده هجي، ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏي ۽ انهن جا شڪ شبها ختم ڪرڻ جي اهليت هجڻ گهرجي. هن چ??و ته سوشل ميڊيا تي حڪ??مت جي ايتري وڏي موجودگي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي، جيتري اڄ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسان وٽ انساني وسيلن جي کوٽ هئي، اسان وٽ لائيٽس، سائونڊز جي شعبن ۾ پي ايڇ ڊيز نه هئا، اسان ان مقصد جي لاءِ نيشنل ميڊيا يونيورسٽي جو منصوبو شروع ڪيو، ان يونيورسٽي جا چار اسڪول آهن جن ۾ اسڪول آف ايني ميشن اينڊ ميڊيا ٽيڪنالاجيز، اسڪول آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن، اسڪول آف پرفارمنگ آيٽس ۽ اسڪول آف فلمز اينڊ براڊ ڪاسٽنگ شامل آهن، اسان ان يونيورسٽي جي شروعات هن ئي عمارت کان ڪري رهيا آهيون.