اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي ل??ءِ ??اڪ??تان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي ل??ءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري ل??ڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظ?? عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي ??اڪ??تان جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي ل??ءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري ل??ڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گا??زن ڪرڻ جي ل??ءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ل??ءِ ??اڪ??تان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظ?? عمران خان خاطري ڪرائي ته ??اڪ??تان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي ل??ءِ ??اڪ??تان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد ??اڪ??تان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.