اسل??م آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مير عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان جو نئ??ن چونڊيل وڏو وزير مير عبدالقدوس بلوچستان جي روشن مستقبل جي اُميد آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان ج?? ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي ۾ به مير عبدالقدوس بزنجو جي بلوچستان جي عوام لاءِ سي??سي ۽ سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نئ??ن چونڊيل وڏو وزير سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي گڏ کڻي هلندو ۽ گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان بلوچستان صوبي ج?? ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو.