اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقيا??ي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪا??ڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حص?? وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقيا??ي اسڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.