اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي تعليمي شعبي جي ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغان ها??ير ايجوڪيشن جي وزير مولانا عبدالباقي حقاني جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ ها??ير ايجوڪيشن جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان افغانستان جي تعليمي شعبي جي ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته ا??غانستان هن وقت مشڪل مرحلي مان گذري رهيو آهي، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري معاشي ۽ انساني امداد فراهم ڪري، هن چيو ته ا?? سي او جي تازي سمٽ ۾ ممبر ملڪن، عالمي برادري کان افغانستان جي انساني ۽ معاشي ضرورتن جي حل جي ڳالهه ڪئي، هن چيو ته علامه ا??بال اوپن ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان افغان يونيورسٽين جي شاگردن کي آن لائين تعليم ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. نيوٽيڪ مختلف فني شعبن ۾ تربيت لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام منعقد ڪندو. ملاقات دوران افغان تعليم وارو وزير افغانستان جي تعليمي شعبي جي نئين سر تعمير ۾ ڪردار تي پاڪستان حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عملدارن ۽ تعليمي وزير سان ملاقاتون نتيجا ڏيندڙ رهيون ۽ ان سان تعليمي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافي ۾ مدد ملندي.