اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي عرب جي ??دم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالم?? برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي ??دد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪي??. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. افغان عوام جي ??شڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي ??اءِ پاڪستان مان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي فوري ريليف جي ??اءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان بچڻ جي ??اءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي حوالي سان وزيراعظم انهن لاڳ??پن جي اهميت کي اجاگر ڪي?? جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان دوري دوران ڪي?? فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪي?? ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ??يزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي ??اءِ عالم?? برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳ??پن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.