ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل سان ڪراچي پريس ??لب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پا??ان جاري پڌرائي موجب پريس ??لب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ صدر فا??ل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نا??ب صدر رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل ڪراچي پريس ??لب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دو??ان ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.