اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ??رورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي ??هولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو ??عيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي ??اگردن ۽ استادن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ??رورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي ??هولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو ??عيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ??ي شعبي ۾ ترقي جي ??مام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت ??هتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت ??ي شعبي جي ??رقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گلگت بلتستان جي ??اگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.