ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ انگ ۽ معيار ??ي لحاظ کان وڌيڪ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا کي ان شعبي ۾ انهن گريجوئيٽس جو وڌيڪ انگ گهرجي، چِپ مينوفيڪچرنگ 2030ع تائين 1.3 ٽريلين ۽ ويجهي مستقبل ۾ آءِ ٽي سيڪٽر اربين ڊالر جي صنعت هوندي جنهن ??ي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 80 ملين کان وڌيڪ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (يو آئ?? ٽي) يوينورسٽي ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پاڪستان جي پهرين اوپن سورس آر آءِ ايس سي – دي مائيڪرو پروسيسر کي ڊيزائن ڪرڻ تي يو آءِ ٽي ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر ??يو ته اسان کي وڌ کان وڌ گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ گهرجن، سرڪاري ۽ نجي ادارن کي ان شعبي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ گريجوئيٽس پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن ??يو ته پاڪستان ڪوانٽم ليب قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن ورچوئل يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي کي ساراهيندي ??يو ته اهي ان شعبي ۾ گريجوئيٽس تيار ڪري بهترين ڪم ڪري رهيون آهن، ان کانسواءِ ان شعبي ۾ وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ ??ي لاءِ شارٽ ڪورسز ??ي لاءِ آن لائين ڪلاسز منعقد پڻ ڪري رهيون اهن. هن ??يو ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر ??ي لاءِ هر قسم جي سپورٽ جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خا?? جي تازي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي هن ??يو ته وزيراعظم ٽيڪسٽائيل، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي لاءِ ڳالهه ڪئي. صدر ??يو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان وٽ هيومن ريسورس سستو آهي. هن ??يو ته ملڪ کي خوشحال بڻائڻ ??ي لاءِ هر شخص جي ضرورت آهي ۽ حڪومت کي ان ??ي لاءِ موقعا پڻ پيدا ڪرڻ گهرجن. هن يو آءِ ٽي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ??يو ته يونيورسٽي پاڪستان جو پهريون اوپن سورس رسڪ بيسڊ مائيڪرو پروسيسر تيار ڪري آءِ ٽي انڊسٽري ۾ وڏي خا?? کي ڀرڻ ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي سيليڪون فيڊريشن جي چيئرمين نويد شيرواني ??يو ته 40 چپس ۽ ڊيزائين ليبس پوري پاڪستان ۾ قائم ڪيون وينديون ۽ يو آءِ ٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ٻه سال اڳ هڪ ننڍي ڪمري ۾ چپ تيار ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شعيب زيدي پڻ خطاب ڪيو.