اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي پهرين دوري جي والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ ”هلال پاڪستان“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳ??لهه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب بل گيٽس پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي هر ٻار جي صحت ۽ بهبود جي تحفظ لاءِ صدر جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو وائر?? جي خلاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پوليو تي پاڪستان جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جهڙن موضوعن تي ڳ??لهه ڪري خوشي ٿي. خانداني من??وب??بندي جي خدمتن تائين پهچ، احساس سماجي تحفظ جي پروگرام کي موثر بنائڻ تي ڳ??لهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان حصيدار جو منتطر آهيان.