اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪر?? جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي ق??م کڻڻ جي هد??يت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪر?? جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪر?? ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪر?? جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.