لاهور – 05 – آگسٽ (ا?? پي پي) اسلامي ??اڪستان تنظيم جي امير شجاع الدين شيخ چ??و آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو اچي چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 3 سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي شقن 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري والاريل ڪشمير کي ڀارت ۾ ضم ڪري هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته س??ي دنيا ۾ انساني حقن جا علمبردار سڏرائيندڙ اولهه ملڪ ۽ عالمي ادارا ڀارت جي 5 آگسٽ جي ڪڌن قدمن جا نه رڳو حامي ??ر ان ظلم ۾ ان جا حصيدار به بڻجي چڪا آهن ۽ ڀارت جي ان غيرقانوني ۽ غيرانساني ۽ عالمي ??انونن جي سراسري خلاف ورزي جي ??رز عمل کي رد ڪرڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر زبان سان به ان جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.